وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران فتح – 2 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن، انجينئرز ۽ قوم کي مبارڪون

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، فتح - 2 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن، انجينئرز ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ مبارڪن واري پيغام ۾ هن هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجينئرز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فتح -2 …

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، فتح – 2 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن، انجينئرز ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ مبارڪن واري پيغام ۾ هن هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجينئرز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته فتح -2 ميزائل جو ڪامياب تجربو جديد فني مهارت ۽ وڌندڙ دفاعي پانڀرو ٿيڻ جو واضح مظهر آهي. جيڪو ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بنائڻ طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. 

مزید خبریں