صدر آصف علي زرداري پاران فتح – 02 ميزائيل سسٽم جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪون

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ پاران مقامي طور تي تيار ڪيل فتح – 02 ميزائيل سسٽم جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قومي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ مقامي ٽيڪنالاجي جو فروغ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر جديد …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ پاران مقامي طور تي تيار ڪيل فتح – 02 ميزائيل سسٽم جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قومي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ مقامي ٽيڪنالاجي جو فروغ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر جديد دفاعي صلاحيت جي فروغ ۾ مصروف سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي فني مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته قومي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ مقامي ٽيڪنالاجي جو فروغ لازمي آهي. هن چيو ته ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هٿياربند فوج ۽ لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

مزید خبریں