سانيا - 28 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هُونان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ صوبي هائي نان جي شهر سانيا پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جو سانيا اچڻ تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا هائي نان جي پارٽي سيڪريٽري وانگ جيانگ استقبال ڪيو. ان موقعي تي چين جو پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ گوانگجو ۾ پاڪستان جو …
صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هُونان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ صوبي هائي نان جي شهر سانيا پهچي ويو

مزید خبریں
سانيا – 28 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي صوبي هُونان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ صوبي هائي نان جي شهر سانيا پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جو سانيا اچڻ تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا هائي نان جي پارٽي سيڪريٽري وانگ جيانگ استقبال ڪيو. ان موقعي تي چين جو پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ گوانگجو ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل سردار محمد پڻ موجود هئا. صدر آصف علي زرداري جو سانيا اچڻ پاڪ – چين اعلى سطحي رابطن جي تسلسل ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ جو مظهر آهي. سانيا عالمي سياحتي مرڪز ۽ هائي نان فري ٽريڊ پورٽ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شهر جيڪو اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين جو اهم مرڪز آهي. صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران اقتصادي، واپاري ۽ اسٽريٽجڪ تعاون ۽ سي پيڪ جي فروغ تي صوبائي قيادت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. صدر سانيا ۾ پاڪ بحريه جي آبدوز “هنگور” جي ڪميشننگ تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو.











