نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي جي تازي صورتحال سان گڏوگڏ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي جاري ڪوششن …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي جي تازي صورتحال سان گڏوگڏ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي جاري ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته عالمي برادري پاڪستان جي تعميري ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي. هن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ گڏيل قومن پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

مزید خبریں