معاشي استحڪام ڏانهن سفر جاري، هلندڙ مالي سال جي ڊي پي، جي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جٽادار معاشي استحڪام ڏانهن اسان جو سفر جاري آهي، معاشي شعبي ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عمل پيرا آهيون، هلندڙ مالي سال مجموعي قومي پيداوار ۾ اوسر واري شرح 4 سيڪڙو لڳ رهڻ جي اميد آهي، ملڪي صنعتن کي هڪجهڙو بڻائڻ لاءِ ٽيرف کي معقول بڻايو ويو، روانگي واپار صنعتن جي ترقي لاءِ …

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جٽادار معاشي استحڪام ڏانهن اسان جو سفر جاري آهي، معاشي شعبي ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عمل پيرا آهيون، هلندڙ مالي سال مجموعي قومي پيداوار ۾ اوسر واري شرح 4 سيڪڙو لڳ رهڻ جي اميد آهي، ملڪي صنعتن کي هڪجهڙو بڻائڻ لاءِ ٽيرف کي معقول بڻايو ويو، روانگي واپار صنعتن جي ترقي لاءِ ڪچي مال تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. گذريل ڏينهن هتي يورپي يونين – پاڪستان اعليٰ سطحي بزنس فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته جٽادار معاشي استحڪام ڏانهن اسان جو سفر جاري آهي، معاشي شعبي ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عمل پيرا آهيون، جٽادار اقتصادي ترقي لاءِ معاشي سڌارا اڻٽر آهن. پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ لاڳاپن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جي روانگي واپار لاءِ فائديمند مارڪيٽ آهي. هن چيو ته ڪجهه مهينن کان معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. مالياتي لحاظ کان پاڪستان پرائمري سرپلس حاصل ڪيو آهي، مجموعي قومي پيداوار ۾ اوسر جي حوالي سان پاڪستان بهتر پوزيشن ۾ آهي. هلندڙ سال جي شروعات ۾ اسان ٻڌايو هو ته اسان جي، جي ڊي پي جي اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو کان 4.7 سيڪڙو وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. هن سال اسان جي جي ڊي پي 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي سگهي ٿي. جيڪا گذريل سال جي 3.1 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جي صورتحال به بهتر آهي. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن 174 ملين ڊالر فاضل رهيو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ 1.755 ارب ڊالر وڌيڪ هو. مارچ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ جا کاتا 1.070 ارب ڊالر وڌيڪ رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي فيبروري ۾ 231 ملين ڊالر فاضل ۽ گذريل سال مارچ ۾ 1.276 ارب ڊالر فاضل هئا. سندس چوڻ هو ته مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ بنيادي خسارو (پرائمري بئلنس) 6.331 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي 6.829 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو گهٽ آهي. مارچ ۾ پرائمري خسارو 607 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو حصو لڳاتار وڌي رهيو آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ساليانو بنياد تي 20 سيڪڙو ۽ مارچ ۾ ماهوار بنياد تي 13 سيڪڙو اضافو ٿيو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار مان ملڪ کي 3.39 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح مارچ ۾ آءِ ٽي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 413 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو فيبروري جي 365 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو ۽ گذريل سال مارچ جي 329 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اڏام پاڪستان پروگرام تحت مالي سال 2029ع تائين آءِ ٽي جي روانگي واپار جو هدف 10 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس مان ناڻي واڌ ۽ سيڙپڪاري ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن وقت 90 سيڪڙو جي ويجهو ناڻي واڌ ڊجيٽل طريقي سان ٿي رهي آهي. مارچ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 261 ملين ڊالرن جو مٽاسٽا وارو ناڻو ڏيهه موڪليو، سيپٽمبر 2020ع کان هن وقت تائين سمنڊ پار پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 12.426 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو ڏيهه موڪليو. وفاقي وزير چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين ان دوران انهن اڪائونٽن ذريعي ملڪ ۾ 1.737 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري به ڪئي، انهن اڪائونٽن ذريعي نيا پاڪستان روايتي سرٽيفڪيٽ ۾ 538 ملين ڊالرز، اسلامي نيو پاڪستان سرٽيفڪيٽس ۾ 1.093 ارب ڊالر ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 106 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيرپڪاري تي حاصل ٿيل منافعي جي منتقلي به ٿي رهي آهي، جيڪا پائيدار ۽ مستحڪم ٿيندي معيشت جي عڪاسي ڪري رهي آهي. پاڪستان ڊگهي عرصي کان پوءِ عالمي ڪيپٽل مارڪيٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي، هن سال پاڪستان پنهنجو پهريون پانڊا بانڊ به جاري ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ انتظامن ۽ قدمن جو سلسلو جاري آهي، حڪومت يورپي بانڊز جي وقت سر ادائگي به ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جاري مالي سال جي پڄاڻي تي اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا وارن ناڻي جي ذخيرن کي 18 ارب ڊالرن تائين آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جيڪو 3 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته معيشت جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل لاڳيتو جاري آهي، ٽيڪس جي نظام ۾ پراسيس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي سڌارا ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت ۽ جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح ۾ اضافي لاءِ ڪم جاري آهي جنهن جا سٺا اثر سامهون آيا آهن، جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي آهستي آهستي عالمي معيار موجب ڪيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي صنعتن کي چٽاڀيٽي جهڙو بنائڻ لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي، ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽيز جي شرح ۾ گهٽتائي، روانگي واپار صنعتن جي ترقي لاءِ ڪچي مال تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ۽ ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، سبسڊيز ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي حڪومت جي ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائي (رائيٽ سائيزنگ) بابت به قدم کنيا پيا وڃن. سبسڊيز جي غلط استعمال تي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سميت ڪيترائي ادارا بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته نجي شعبي کي ملڪ جي قيادت ڪرڻي آهي، ان سلسلي ۾ نجڪاري جو عمل جاري آهي. پي آءِ اي ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري ٿي، اها ڳالهه سٺو سنئوڻ آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ اسان جي مقامي سيڙپڪارن گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جنهن سان معاشي ترقي، سڌارن جي عمل ۽ بهتر پاليسين تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته قرضن جي انتظام ۽ مئنجمينٽ ۾ بهتري لاءِ به ڪم جاري آهي، ڊيبٽ مئنجمينٽ آفيس جي ري اسٽرڪچرنگ ڪئي وئي آهي، قرضن جي ادائگي جي خرچن ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ايندي، پينشن جي نظام ۾ به سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، سول سورس ۾ ڪنٽريبيوٽري پينشن جا نظام متعارف ڪرايا ويا آهن، ايندڙ سال کان هٿياربند فوج ۾ به اهو نظام متعارف ڪرايو ويندو.

مزید خبریں