اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد هيلٿ سروسز اڪيڊميءَ جو دؤرو ڪيو، جنهن ۾ صحت، ڪاروبار ۽ تعليم جي شعبن سان واڳيل نمائندا شامل هئا. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شهزاد علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ وفد کي اڪيڊميءَ جي مختلف شعبن، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفد کي اداري جي تعليمي ۽ تحقيقي …
ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد پاران هيلٿ سروسز اڪيڊميءَ جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد هيلٿ سروسز اڪيڊميءَ جو دؤرو ڪيو، جنهن ۾ صحت، ڪاروبار ۽ تعليم جي شعبن سان واڳيل نمائندا شامل هئا. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شهزاد علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ وفد کي اڪيڊميءَ جي مختلف شعبن، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفد کي اداري جي تعليمي ۽ تحقيقي ڪردار کان به آگاهه ڪيو ويو. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وائيس چانسلر ٻنهي ملڪن جي صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته گڏيل ڪوششون، جٽادار ڀائيواري ۽ علم جي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي صحت جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ مدد ملندي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











