معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي، قومي خابرو اداري “اي پي پي” ڀارت جي جعلي پروپيگنڊا کي وائکو ڪري سندن ننڊون حرام ڪيون

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آهي، جڏهن ڀارت خواري کان بچڻ لاءِ وائڙائپ جو شڪار ٿي ڊجيٽل پليٽ فارمز تي صحافتي ذميداريون سهڻي انداز ۾ نڀائڻ تي پاڪستاني قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي سوشل ميڊيا هينڊلز کي سڄي ملڪ ۾ هڪ سال اڳ بند ڪري ڇڏيو هو. ڀارتي فالس فليگ آپريشن جي جواب ۾ جڏهن قومي خابرو اداري …

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آهي، جڏهن ڀارت خواري کان بچڻ لاءِ وائڙائپ جو شڪار ٿي ڊجيٽل پليٽ فارمز تي صحافتي ذميداريون سهڻي انداز ۾ نڀائڻ تي پاڪستاني قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي سوشل ميڊيا هينڊلز کي سڄي ملڪ ۾ هڪ سال اڳ بند ڪري ڇڏيو هو. ڀارتي فالس فليگ آپريشن جي جواب ۾ جڏهن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) فيس بڪ تي حقيقتن تي ٻَڌل قومي سلامتي، پاڪستان حڪومت، فوج، پاڪستان ۽ پاڪستاني سول سوسائٽيز جي بيانيي جي ڀرپور مشهوري شروع ڪئي ته ڀارتي سورمائن کان ان جو ڪو جواب ٺهي نه سگهيو. جنهن تي مودي سرڪار وائڙائپ جو شڪار ٿي 28 اپريل 2025ع تي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ جي فيس بڪ پيج ۽ ٻي سوشل ميڊيا هينڊلز تي ڀارتي حدن ۾ مڪمل طور تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي ڪوڙي ۽ بي بنياد بيانيي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ اي پي پي کي خاص هدايتون ڏنيون هيون ته انهن بي بنياد الزامن جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي. اي پي پي جي سمورين سروسز خاص طور تي ڊجيٽل ميڊيا ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت جي جعلي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪري سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. ياد رهي ته ڀارت طرفان سڀ کان پهرين ”اي پي پي“ جي سوشل ميڊيا کي ڀارتي جاگرافيائي حدن ۾ بند ڪيو ويو، جيڪو ن ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته قومي خابرو اداري ڊجيٽل وار ۾ ملڪي سلامتي، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏنو ۽ حق ۽ سچ تي ٻَڌل بيانيو هلائي ڀارتي حڪومت کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت جي ڪوڙي بيانيي کي سڄي دنيا ۾ رد ڪيو.

مزید خبریں