اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پيما) اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن ۾ خطرناڪ اضافي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪندي فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن. حڪومت غير محفوظ طبي پريڪٽسز خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪري. عوام لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي ۽ انفيڪشن ڪنٽرول پروٽوڪول تي …
پيما پاران اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پيما) اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن ۾ خطرناڪ اضافي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪندي فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن. حڪومت غير محفوظ طبي پريڪٽسز خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪري. عوام لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي ۽ انفيڪشن ڪنٽرول پروٽوڪول تي سخت عملدرآمد ڪيو وڃي. پيما جي مرڪزي صدر پروفيسر عاطف حفيظ صديقي چيو آهي ته ويجهڙ ۾ 2449 کان وڌيڪ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي سُڃاڻپ هڪ انتهائي ڳڻتي جي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي. تونسه، اسلام آباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جهڙا علائقا سخت متاثر هاٽ اسپاٽس طور سامهون آيا آهن. يو اين ايڊز جي رپورٽ اسان جي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان وڌيڪ ڳڻتيءَ جو سبب آهي. جنهن مطابق ملڪ ۾ اندازن 3 لک 50 هزار ماڻهو ايڇ آءِ وي سان زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته انهن مان صرف تقريبن 74 هزار ماڻهو ئي پنهنجي بيماريءَ کان آگاهه آهن. هن چيو ته ان صورتحال جي وڏو ڪارڻ غير محفوظ طبي طريقيڪار، عطائي ڊاڪٽرز ۽ غير تربيت يافته عملي طرفان انجيڪشن جو غير محفوظ ٻيهر استعمال ۽ بنا اسڪريننگ رت جي منتقلي شامل آهي. هن مطالبو ڪيو ته غير محفوظ طبي پريڪٽسز خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، بلڊ بئنڪس جي مڪمل اسڪريننگ ۽ نگراني ڪئي وڃي ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ خاص هنگامي حڪمتِ عملي طئي ڪئي وڃي.











