وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران پاڪستاني نوجوان ڪاروباري شخصيت صالح آصف کي عالمي ڪاميابيءَ تي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي نوجوان ڪاروباري شخصيت صالح آصف جي شاندار عالمي ڪاميابيءَ کي ساراهيندي ان کي پاڪستان لاءِ فخر قرار ڏنو آهي. ان اڳڀرائيءَ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته 26 سالن جو نوجوان جيڪو اي آءِ اسٽارٽ اپ ڪرسر (ايني سفيئر) سان واڳيل آهي، ان ناليواري عالمي ڪمپني اسپيس ايڪس سان …

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي نوجوان ڪاروباري شخصيت صالح آصف جي شاندار عالمي ڪاميابيءَ کي ساراهيندي ان کي پاڪستان لاءِ فخر قرار ڏنو آهي. ان اڳڀرائيءَ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته 26 سالن جو نوجوان جيڪو اي آءِ اسٽارٽ اپ ڪرسر (ايني سفيئر) سان واڳيل آهي، ان ناليواري عالمي ڪمپني اسپيس ايڪس سان هڪ معاهدو ڪيو آهي جيڪو ايلون مسڪ جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان ڪاميابيءَ عالمي ٽيڪنالاجي حلقن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته اها ڪاميابي پاڪستاني نوجوانن جي بي پناهه صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان طرح جون ڪاميابيون سڄي ملڪ جي نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهن، خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان حڪومت اسٽارٽ اپس کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪاري بورڊ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان کي عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ هڪ مضبوط مقام ڏيارڻ لاءِ مسلسل قدم کڻي رهيو آهي. وفاقي وزير، صالح آصف کي مبارڪون پيش ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته وڌيڪ نوجوان پڻ ان طرح عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪندا. سيڙپڪاري بورڊ جدت کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۽ پاڪستان کي عالمي سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جو مرڪز بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں