سي پيڪ منصوبن سبب بلوچستان ۾ 7300 کان وڌيڪ ملازمتون فراهم، وڌيڪ 10 هزار 425 متوقع آهي: ويلٿ پاڪستان

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت بلوچستان ۾ جاري ۽ مڪمل منصوبن ذريعي هن وقت تائين 7313 ماڻهن کي روزگار فراهم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مستقبل جا مرحلا ۽ غور هيٺ منصوبن تحت وڌيڪ 10 هزار 425 ملازمتون پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن مطابق اهي روزگار جا انگ اکر روڊن جي بنيادي ڍانچي، توانائي، پاڻي، …

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت بلوچستان ۾ جاري ۽ مڪمل منصوبن ذريعي هن وقت تائين 7313 ماڻهن کي روزگار فراهم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مستقبل جا مرحلا ۽ غور هيٺ منصوبن تحت وڌيڪ 10 هزار 425 ملازمتون پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن مطابق اهي روزگار جا انگ اکر روڊن جي بنيادي ڍانچي، توانائي، پاڻي، صنعت، صحت، تعليم ۽ بندرگاهه سان لاڳاپيل منصوبن تي ٻڌل آهن. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جتي ڪيتريون ئي ملازمتون تعمير ۽ عملدرآمد دوران پيدا ٿي چڪا آهن، هتي آئنده منصوبن تحت وڌيڪ موقعا به متوقع آهن. سوراب – هوشاب (اين – 85) منصوبي تحت مجموعي طور تي 101 ملازمتون پيدا ٿيون، جيڪي سمورن مقامي ماڻهن کي فراهم ڪيون ويون. گوادر- هوشاب – آواران – نال (ايم 😎 ۽ خضدار – بسيمه منصوبن ۾ ٺيڪيدارن ذريعي 616 مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو ويو. نوڪنڊي – ماشڪيل – پنجگور منصوبي دوران 82 عارضي ملازمتون پيدا ٿيون. حب ڪول پاور منصوبي ۾ 627 ماڻهن کي روزگار مليو، جنهن مان 170 جو واسطو بلوچستان مان هو. نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ منصوبي سان 107 ملازمتون پيدا ٿيون، جن ۾ 63 ماڻهو بلوچستان ڊوميسائل رکندڙ هئا. جيڪي وفاقي حڪومت جي مقرر ڪيل 6 سيڪڙو ڪوٽا کان وڌيڪ آهي. گوادر پورٽ ۽ فري زون ۾ 216 ملازمتون پيدا ٿيون، جن مان 214 مقامي ماڻهن لاءِ هيون. 

مزید خبریں