اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) معرڪه حق جي مناسبت سان شهرين واهگه بارڊر واري هنڌ رٿيل تقريب ۾ پاڪستاني فوج کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. تفصيل موجب تقريب ۾ قومي هيروز، سياستدانن، شاگردن، مذهبي اڳواڻن ۽ اقليتي برادريءَ سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن واهگه بارڊر تي ٿيل پريڊ ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ پاڪستاني فوج سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. تقريب دوران …
معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل، واهگه بارڊر تي خاص تقريب ۾ پاڪستاني فوج کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) معرڪه حق جي مناسبت سان شهرين واهگه بارڊر واري هنڌ رٿيل تقريب ۾ پاڪستاني فوج کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. تفصيل موجب تقريب ۾ قومي هيروز، سياستدانن، شاگردن، مذهبي اڳواڻن ۽ اقليتي برادريءَ سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن واهگه بارڊر تي ٿيل پريڊ ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ پاڪستاني فوج سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن طرفان پاڪ فوج زندهه باد جي اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. شرڪت ڪندڙن شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ حق جي ويڙهه جي شهيدن جي بلند درجن لاءِ دُعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي شهرين جو چوڻ هو ته دشمن کي جهڙي طرح حق جي ويڙهه ۾ سبق سيکاريو ويو، آئينده به اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. حق جي ويڙهه دوران پاڪستاني قوم ثابت ڪيو ته هو پنهنجي فوج سان شيهي جي ڀت جيان بيٺل آهي. آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستاني فوج جي ڀرپور جواب دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ کي هڪ سال مڪمل هئڻ تي شهرين جو جوش ظاهر ڪري ٿو ته قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي.











