آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ پاران مقامي طور تي تيار ڪيل جديد ترين فتح – 02 ميزائل سسٽم جي ڪامياب تربيتي مشق

راولپنڊي- 28 اپريل (اي پي پي) آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد ترين فتح - 02 ميزائل سسٽم جي ڪامياب تربيتي مشق ڪئي. هي ميزائل جديد ترين ايويانڪس ۽ نيويڪيشنل سهولتون رکندڙ آهي. ڪالهه پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي موجب ان تربيتي مشق جو مقصد فوج جي تربيت، مختلف فني رُخن جي توثيق ۽ بهتر درستگي ۽ وڌندڙ بقا جي صلاحيت لاءِ شامل مختلف ذيلي …

راولپنڊي- 28 اپريل (اي پي پي) آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد ترين فتح – 02 ميزائل سسٽم جي ڪامياب تربيتي مشق ڪئي. هي ميزائل جديد ترين ايويانڪس ۽ نيويڪيشنل سهولتون رکندڙ آهي. ڪالهه پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي موجب ان تربيتي مشق جو مقصد فوج جي تربيت، مختلف فني رُخن جي توثيق ۽ بهتر درستگي ۽ وڌندڙ بقا جي صلاحيت لاءِ شامل مختلف ذيلي نظامن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ هو. اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ ۽ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ادارن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ان مشق جو مشاهدو ڪيو. فورم فتح سيريز جي مقامي طور تي تيار ڪيل ميزائل جي ڪامياب تربيتي مشق کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سروسز چيفس ميزائل جي ڪامياب مشق ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورين ڌُرين جي فني مهارت، لڳن ۽ عزم جي تعريف ڪئي.

مزید خبریں