ڪراچي- 28 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ازبڪستان جي نوائي ريجن جي گورنر تورسونوف نورمت ترڪونووچ ، واپار، سيڙپڪاري، صنعت، زراعت، سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ علائقائي تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٿيل مختلف قسمن جي معاهدن کي صوبائي سطح تي عملي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب …
سنڌ جي وڏي وزير سان ازبڪستان جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 28 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ازبڪستان جي نوائي ريجن جي گورنر تورسونوف نورمت ترڪونووچ ، واپار، سيڙپڪاري، صنعت، زراعت، سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ علائقائي تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٿيل مختلف قسمن جي معاهدن کي صوبائي سطح تي عملي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب اها اتفاق راءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ٿي، جنهن ۾ ازبڪستان جي هڪ وفد شرڪت ڪئي. وفد ۾ سفير عليشر حڪيمووچ توختائيو، ڊپٽي گورنر غفوروف ايلبيڪ استامووچ، ضلعي ميئر روزيوف رسلان نصيرووچ، نوائي شهر جو ميئر ايرگاشيف دلمورود بيڪ مرادووچ سميت نوائي ريجن جا ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. جڏھن تھ سنڌ حڪومت جي وفد ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، ذوالفقار شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، عبوري چيف سيڪريٽري/ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ نجم شاهه، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي، اي سي ايس لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو، سيڪريٽري انڊسٽريز شاهد جعفر ۽ سي اي او ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون عظيم عقيلي شامل هئا. وفد کي ڀليڪار چوندي وڏي وزير چيو ته سنڌ، ازبڪستان سان لاڳاپن کي وڌائڻ کي وڏي اهميت ڏئي ٿي خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي تازي ملاقاتن ۽ واپار واري جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اختيار ڪيل روڊ ميپ جي تناظر ۾ وڏي اهميت ڏي ٿي. اجلاس ۾ سنڌ ۽ نوائي ريجن وچ ۾ اداراتي تعاون قائم ڪرڻ تي بحث ڪيو ويو جنهن ۾ سڌي ريت حڪومتي سطح تي رابطن، وفدن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون شامل آهي. مراد علي شاهه سنڌ جي صنعتي ۽ سيڙپڪاري صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو خاص طور تي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، انڊسٽريل پارڪس، ڪيميڪلز، ٽيڪسٽائيل، ايس ايم ايز ۽ ويليوايڊيڊ مينيوفيڪچرنگ ۾ موجود موقعن بابت ٻڌايو. هن ازبڪ سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ شراڪتداري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌرين سنڌ جي صنعتي شعبي ۽ نوائي فري اڪنامڪ زون وچ ۾ تعاون، جنهن ۾ گڏيل منصوبا، بزنس-ٽو-بزنس مٽاسٽا ۽ کي هٿي وٺرائڻ جا قدم شامل آهن، تي بحث ڪيو.ٻنهي ڌرين زراعت ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو جنهن ۾ ٻجن جي تياري، فصلن تي تحقيق، زرعي واپار، لائيو اسٽاڪ جي ترقي، حلال پراڊڪٽس ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي شامل هئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ، ازبڪستان سان گڏجي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ زراعت، پاڻي جي بچت واري فارمنگ ۽ ايگرو پروسيسنگ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي. لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ زرعي ايڪسپورٽ ۾ تعاون تي پڻ بحث ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين ادارن کي ڳنڍڻ ۽ خانگي شعبي جي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. توانائي، مائننگ ۽ سياحت سنڌ جي وسيلن ۽ نوائي ريجن جي مهارت کي نظر ۾ رکندي اجلاس ۾ معدنيات، جيولاجي، توانائي ۽ مائننگ جي ترقيءَ ۾ تعاون سميت ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي پڻ غور ڪيو ويو. سياحت ۽ ثقافتي تعاون پڻ نمايان رهيا جنهن ۾ قديمي ورثي جي سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جون تجويزون ڏنيون ويون جن جو بنياد قديم سلڪ روٽ جي تاريخي لاڳاپن تي آهي. وڏي وزير جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن تي زور ڀريو ۽ علائقائي رابطن، لاجسٽڪ ۽ واپاري لنگهه کي بهتر بڻائڻ تي بحث ڪيو جيڪي پاڪستان-ازبڪستان تعاون کي وڌيڪ سگھ ڏئي سگهن ٿا. ان کان علاوه شهري انتظاميا، سيڙپڪاري ۾ سهولت، ماحولياتي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ترقيءَ بابت به خيالن جي ڏيڄ وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين تعاون لاءِ هڪ منظم فريم ورڪ ڏانهن وڌڻ ۽ لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن ذريعي ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سفارتي خيرسگالي کي عملي شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته صنعت، زراعت، سياحت ۽ سيڙپڪاري ۾ گڏيل فائديمند تعاون جي وڏي گنجائش آهي ۽ سنڌ ان ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گورنر تورسونوف سنڌ سان سڌي ريت لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ادارتي رابطن، ڪاروباري تعاون ۽ مهارت جي مٽاسٽا ذريعي سهڪار کي وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين سنڌ ۽ ازبڪستان جي نوائي ريجن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ وسيع معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ صوبائي سطح تي هڪ پائيدار روڊ ميپ تي عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.











