يونيورسٽيون صرف تدريسي مرڪز نه پر فڪري رهنمائي، قومي تعمير، سائنسي اڳڀرائي ۽ معاشرتي ترقي جا مرڪز آهن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اعلى تعليم جو فروغ، تحقيق ۽ جدت جي حوصلا افزائي ۽ نوجوان نسل کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي، يونيورسٽيون رڳو تدريسي مرڪز نه آهن پر فڪري رهنمائي، قومي تعمير، سائنسي اڳڀرائي ۽ معاشرتي ترقي جا مرڪز آهن جيڪي پاڪستان کي علم …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اعلى تعليم جو فروغ، تحقيق ۽ جدت جي حوصلا افزائي ۽ نوجوان نسل کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي، يونيورسٽيون رڳو تدريسي مرڪز نه آهن پر فڪري رهنمائي، قومي تعمير، سائنسي اڳڀرائي ۽ معاشرتي ترقي جا مرڪز آهن جيڪي پاڪستان کي علم تي ٻڌل معيشت طرف وٺي وڃڻ جو بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ڪندڙن ۾ پنجاب يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد علي ۽ يونيورسٽي آف ويٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز لاهور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مسعود باني شامل هئا. ملاقات ۾ اعلى تعليم، تعليمي معيار، اداراجاتي ترقي ۽ يونيورسٽين کي درپيش معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته تيزي سان بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ ضروري آهي ته اعلى تعليمي ادارا روايتي تدريس کان اڳتي وڌي تحقيق، تنقيدي سوچ ۽ مهارتن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏين ته جيئن نوجوان نسل کي مستقبل جي گهرجن موجب تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽين کي قومي ترقي جي هدفن سان هم آهنگ ڪندي سماجي ۽ اقتصادي چيئلينجز جي حل ۾ پڻ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملاقات دوران وائيس چانسلرز نصاب جي جديد رخن تي جوڙجڪ، استادن جي صلاحيت ۾ اضافي، تحقيقي فنڊنگ ۽ صنعت ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطن جي فروغ سميت اهم معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هنن يونيورستين جي وچ ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي سان مضبوط حصيداري جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن روزگار جي موقعن ۽ علمي ترقي کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. وقتي صدر چيو ته تعليمي پروگرامن کي قومي ترجيحن ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته يونيورسٽيون نوجوانن ۾ ڪاروباري صلاحيتن، برداشدت، شموليت، جمهوري قدرن ۽ سماجي ذميواري جي شعور کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن. سيد يوسف رضا گيلاني اعلى تعليمي ادارن جي معاونت ۽ انهن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته معياري تعليم، ڪوالٽي انشورنس، تعليم تائين پهچ ۾ توسيع ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال جي ذريعي تعليمي نتيجن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل علم ۽ تحقيق سان واڳيل آهي ۽ يونيورسٽيون ان قومي سفر ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪنديون. اعلى تعليم جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان ۾ علم تي ٻڌل معيشت قائم ڪرڻ ۽ تعليمي ترقي جي قومي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں