اقتصادي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقتصادي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي، لائسنسنگ ۽ ٻين سروسز تائين پهچ جي سموري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن جي رفتار تيز ڪئي وڃي. …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اقتصادي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، حڪومت ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي، لائسنسنگ ۽ ٻين سروسز تائين پهچ جي سموري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن جي رفتار تيز ڪئي وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ريگيوليٽري تعميل تي عملدرآمد کي وڌيڪ آسان ۽ گهٽ خرچ بڻايو وڃي، حڪومت ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪيو وڃي، لائسنسنگ ۽ ٻين سروسز تائين پهچ جي سموري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوايل سان حڪومتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان مارچ تائين ملڪي روانگي واپار ۾ خصوصي اقتصادي زونز جو حصو 3.7 سيڪڙو رهيو، مالي سال 2028ع تائين ملڪي روانگي واپار ۾ خصوصي اڪنامڪ زونز جو حصو 8 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جو هدف رکيو ويو آهي، صوبن جي مشاورت سان سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ بزنس – ريڊي ايڪشن پلان تيار ڪيو پيو وڃي، سيرپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ حڪومتي اجازتناما حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ جي لاءِ سموريون سروسز ڊيجيٽائيز ڪيون پيون وڃن جنهن جي لاءِ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري قائم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ هن وقت 21 خصوصي اقتصادي زونز آپريشنل آهن ۽ جون 2026ع تائين اهو انگ 26 ٿي ويندو، آسان ڪاروبار ايڪٽ تحت ڳاڙهي ڦيٿي جو خاتمو ٿيندو ۽ ڊيجيٽل سروسز جي فراهمي سان سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ سهولت فراهم ٿيندي.

مزید خبریں