اسلام آباد _ 28 اپريل (اي پي پي ) گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت ملڪ ۾ زرعي شعبي جي جديد بنياد تي ترقي جو عمل تيزي سان جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ غيرآباد ۽ سوڪهڙي جو شڪار زمينون ساوڪ ۾ تبديل ٿي رهيون آهن . زرعي سڌارن ، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ موثر حڪمت عملي ذريعي پاڪستان زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لڳو آهي ۽ روانگي واپار جي صلاحيت ۾ نمايان …
گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت زرعي شعبي جي ترقي جو عمل جاري، غيرآباد ۽ سوڪهڙي جو شڪار زمينون سايون ٿيڻ لڳيون

مزید خبریں
اسلام آباد _ 28 اپريل (اي پي پي ) گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت ملڪ ۾ زرعي شعبي جي جديد بنياد تي ترقي جو عمل تيزي سان جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ غيرآباد ۽ سوڪهڙي جو شڪار زمينون ساوڪ ۾ تبديل ٿي رهيون آهن . زرعي سڌارن ، ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ موثر حڪمت عملي ذريعي پاڪستان زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لڳو آهي ۽ روانگي واپار جي صلاحيت ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اختيارين مطابق گرين امپيڪس پرائيوٽ لمٽيڊ جي بزنس مينيجر محمد ابوبڪر مطابق ان منصوبي تحت 1500 ايڪڙ بنجر زمين کي جديد طريقن سان پوکي لائق بڻايو ويو آهي جتي روڊگراس ۽ الفافا جهڙي چاري جا فصل ڪاميابي سان پوکيا پيا وڃن. انهن فصلن جو اٽڪل 20 سيڪڙو حصو مقامي ڊيري فارمز جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي جڏهن ته 80 کان 90 سيڪڙو پيداوار روانگي واپار ڪئي ويندي آهي جيڪا ملڪ جي مٽاسٽا واري ناڻي ۾ اضافي جو سبب آهي . هن چيو ته سينٽرل پيوٽ ايريگيشن سسٽم جي موثر استعمال سان پاڻي جي کپت ۾ اٽڪل 40 سيڪڙو گهٽتائي آندي وئي آهي جڏهن ته روزانو 150 ايڪڙ کان وڌيڪ ايرضي جي پوک ڪئي پئي وڃي ٿي، اهو جديد آبپاشي نظام نه رڳو پاڻي جي بچت کي يقيني بڻائي ٿو پر فصلن جي پيداوار ۾ به خاطر خواه اضافو ڪري ٿو.











