وفاقي حڪمت شانگلا جي مختلف تعلقن لاءِ 79 ڪروڙ 19 لک روپين جي 18 منصوبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت شانگلا جي مختلف تعلقن ۾ تعمير ۽ ترقي ۽ کين ٻين علائقن جي برابر آڻڻ لاءِ  79 ڪروڙ 19 لک روپين کان وڌيڪ جي 18 منصوبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهي منصوبا پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نگراني ۾ مڪمل ڪيا ويندا. هائوسنگ ۽ تعمير واري وزارت جي ذريعن موجب مالي سال 26-2025ع جي پهرين قسط تحت 5 منصوبا …

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت شانگلا جي مختلف تعلقن ۾ تعمير ۽ ترقي ۽ کين ٻين علائقن جي برابر آڻڻ لاءِ  79 ڪروڙ 19 لک روپين کان وڌيڪ جي 18 منصوبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اهي منصوبا پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نگراني ۾ مڪمل ڪيا ويندا. هائوسنگ ۽ تعمير واري وزارت جي ذريعن موجب مالي سال 26-2025ع جي پهرين قسط تحت 5 منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن جن جي مجموعي ماليت 22 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ٻي قسط ۾ 13 منصوبا شامل آهن جن جي ماليت 57 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ آهي وفاق پاران انهن فنڊز سان شانگلا جي تعلقن الپوري، بشام، مرتونگ، پوران جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڪچا ۽ پڪا رستا، واٽر سپلاءِ اسڪيمون، پروٽيڪشن والز، اسٽيل پلن جي تعمير شامل آهي انهن منصوبن جو مقصد ملڪ جي ڏورانهن پٺتي پيل ضلعن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته ضلعن برابر آڻڻ آهي. انهن منصوبن لاءِ بڊنگ جو عمل 15 مئي 2026ع تي ٿيندو.

مزید خبریں