افغان طالبان حڪومت ۽ ملا هيبت الله  جي آمراڻين پاليسين خلاف عوامي رد عمل وڌيڪ سخت، افغان شهرين جو پاڪستاني عسڪري قيادت سان محبت جو اظهار

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت ۽ ملا هيبت الله جي آمراڻين پاليسين خلاف عوامي رد عمل وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي، جلال آباد غنڊ ۾ طالبان حڪومت جي ملٽري ڪيمپ ٻاهران افغان شهري جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن ۾ هن پاڪستاني عسڪري قيادت سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب افغان شهري پاڪستان جي عسڪري قيادت جي نالي پيغام ڏيندي …

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت ۽ ملا هيبت الله جي آمراڻين پاليسين خلاف عوامي رد عمل وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي، جلال آباد غنڊ ۾ طالبان حڪومت جي ملٽري ڪيمپ ٻاهران افغان شهري جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن ۾ هن پاڪستاني عسڪري قيادت سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب افغان شهري پاڪستان جي عسڪري قيادت جي نالي پيغام ڏيندي عالمي امن لاءِ بهترين ڪردار کي تعريف جوڳو قرار ڏنو افغان شهري آمريڪا ۽ ايران جي جنگ ۾ مسلمانن جو رت وهڻ کان روڪڻ تي پاڪستان جي عسڪري قيادت جي حڪمت عملي جي تعريف ڪئي. افغان شهري چيو ته افغان طالبان نام نهاد اسلامي رياست جي آڙ ۾ پنهنجي ئي قوم جو استحصال ڪري رهي آهي. ويڊيو ۾ ڏسي سگهي ٿو ته افغان شهري پرچي تي لکت ذريعي به پاڪستان ۽ عسڪري قيادت سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں