معرڪه حق ۾ ڪاميابي سان عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن، دنيا پاڪ فوج جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي: سردار محمد يوسف

مانسهره -28 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته معرڪه حق ۾ مثالي ڪاميابي کان پوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ٿيو ۽ دنيا پاڪ فوج جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. انهن خيالن جو اظهار هن وادي سرن جي دوري ۾ لنڪ روڊ ۽ جبوڙي ۾ قائم نادرا آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي …

مانسهره -28 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته معرڪه حق ۾ مثالي ڪاميابي کان پوءِ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ٿيو ۽ دنيا پاڪ فوج جي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. انهن خيالن جو اظهار هن وادي سرن جي دوري ۾ لنڪ روڊ ۽ جبوڙي ۾ قائم نادرا آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي مسلم ليگ (ن) هزاره ڊويزن جي صدر ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني اڳواڻ سردار شاهجهان يوسف به خطاب ڪيو.  سردار محمد يوسف  چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بهترين سفارتڪاري عيوض دنيا ٽين عالمي جنگ کان محفوظ رهي ۽ آمريڪا ايران ٽياڪڙي  ۾ ڪردار سبب عالمي سطح تي ملڪ جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو جنهن سان پاڪستان جا مخالف به تعريف ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن)  جي وفاقي حڪومت عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ زندگي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وعدي موجب مانسهره جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊز رليز ڪري ڇڏيا آهن. جنهن جا ٽينڊرز به جاري ٿي چڪا آهن. مسلم ليگ (ن)  هزاره ڊويزن جي صدر ۽ پارلياماني ليڊر سردار شاهجهان يوسف  چيو ته جبوڙي ۾ نادرا آفيس جي قيام سان مقامي ماڻهن کي دروازي جي چائٺ تي سهولتون ملي ويون آهن. ۽ مختلف علائقن کي بجلي جي فراهمي به جاري آهي. تقريب ۾ ايم پي اي سونيا شاهه، مسلم ليگي اڳواڻ سيد رياض حسين شاهه ۽ ٻين عوامي نمائندن به خطاب ڪيو.

مزید خبریں