ڍاڪا -28 اپريل (اي پي پي) بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي - 20 عالمي ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ اربع تي کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ميچ بئريسٽر يشٿو فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان اسٽيڊيم چٽوگرام ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان بنگلاديش جي ٽيم کي مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف 3 ٽي - 20 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. بنگلاديش جي ٽيم …
بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻيو ٽي – 20 ڪرڪيٽ ميچ اربع تي کيڏيو ويندو
ڍاڪا -28 اپريل (اي پي پي) بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – 20 عالمي ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ اربع تي کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ميچ بئريسٽر يشٿو فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان اسٽيڊيم چٽوگرام ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان بنگلاديش جي ٽيم کي مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف 3 ٽي – 20 ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. بنگلاديش جي ٽيم پهرين ٽي – 20 ميچ ۾ ڪيويز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي – 20 ميچن ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويئي. ٽي _ٽوئنٽي ۾ نيوزيلينڊ جي قيادت ٽام ليٿم ڪري رهيو آهي جڏهن ته بنگلاديش جي قيادت لٽن داس ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 2 مئي تي شير بنگلا نيشنل اسٽيديم ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو.












