اسپينش لاليگا ۾ ويلريال هٿان سيلٽا ويگو کي 2-1 تان شڪست

ميڊرڊ _ 28 اپريل (اي پي پي) اسپينش لاليگا ۾ ويلريال هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد سيلٽاويگو جي ٽيم کي 2-1 جي گول تان هارائي ڇڏيو. ويلريال جي جيرارڊ مورينو اورنڪلوس پيسي ميچ ۾ هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ويلريال جي ليگ ۾ 20 هين فتح آهي . ان ڪاميابي بعد ويلريال جي ٽيم اسپينش فٽ …

ميڊرڊ _ 28 اپريل (اي پي پي) اسپينش لاليگا ۾ ويلريال هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد سيلٽاويگو جي ٽيم کي 2-1 جي گول تان هارائي ڇڏيو. ويلريال جي جيرارڊ مورينو اورنڪلوس پيسي ميچ ۾ هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ويلريال جي ليگ ۾ 20 هين فتح آهي . ان ڪاميابي بعد ويلريال جي ٽيم اسپينش فٽ بال ليگ لاليگاجي پوائنٽس ٽيبل تي ٽين پوزيشن آهي. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي . اسپين جي سيراميڪا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويلريال جي ٽيم شاندار راند پيش ڪندي سيلٽاويگو جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارائي ڇڏيو. ميچ ۾ سيلٽاويگو طرفان واحد گول بورجا ايگيسياس 73 هين منٽ تي اسڪور ڪيو. ويلريال جي ليگ ۾ اها 20 هين فتح آهي ۽  ليگ ۾ 65 پوائنٽس بعد ٽيبل تي ٽين پوزيشن تي موجود آهي.

مزید خبریں