اوٽاوا _28 اپريل (اي پي پي)ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ملڪي معيشت مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پهريون قومي خودمختيار ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي معيشت مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پهريون قومي خودمختيار ويلٿ فنڊ قائم ڪيو ويندو جنهن جو نالو ڪينڊا اسٽرانگ فنڊ …
ڪينيڊا جي وزيراعظم پاران ملڪي معيشت مضبوط ڪرڻ لاءِ پهريون قومي خودمختيار ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
اوٽاوا _28 اپريل (اي پي پي)ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ملڪي معيشت مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پهريون قومي خودمختيار ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي معيشت مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پهريون قومي خودمختيار ويلٿ فنڊ قائم ڪيو ويندو جنهن جو نالو ڪينڊا اسٽرانگ فنڊ رکيو ويو آهي ، ان ۾ وفاقي حڪومت شروعاتي طورتي 25 ارب ڪينيڊين ڊالر (اٽڪل 18 ارب آمريڪي ڊالر ) فراهم ڪندي . اهو فنڊ نجي شعبي سان گڏجي ڪري انهن منصوبن ۽ ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪندو جيڪي ڪينڊا جي معيشت ۾ تبديلي جو سبب بڻجن . انهن منصوبن ۾ صاف ۽ روايتي توانائي . اهم معدنيات ، زراعت ۽ انفراسٽرڪچر جا شعبا شامل آهن . بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان فنڊ مان حاصل ٿيندڙ آمدني ٻيهرسيڙپڪاري لاءِ استعمال ڪئي ويندي ته جيئن وقت سان فنڊ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿي سگهي ، ان کان علاوه حڪومت هڪ ريٽيل سيڙپڪاري پراڊڪٽ به متعارف ڪرائيندي . واضع رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ آمريڪا سان گڏ واپاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڪينيڊا جي وزيراعظم معيشت کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو هو .











