پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ پاران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي نيوزيلينڊ جي هم منصب ڪرسٽوفر ليوڪسان ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي  ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ خوشگوار ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي نيوزيلينڊ جي هم منصب ڪرسٽوفر ليوڪسان ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي  ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ خوشگوار ۽ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه دوران وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسٽوفر ليوڪسان کي خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن ۽ رابطن بابت آگاهه ڪيو. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم پاڪستان جي تعميري سفارتي ڪوششن، خاص طور تي واشنگٽن ۽ تهران سان رابطن کي ساراهيو ۽ ثالثي جي انهن ڪوششن جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي خطي ۽ دنيا ۾ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان ڏس ۾ نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي مثبت ڪردار کي پڻ ساراهيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسٽوفر ليوڪسان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

مزید خبریں