اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) ڀارتي جنگي جنون خلاف دوست ملڪن پاڪستان جي اصولي ۽ سچائي تي ٻڌل موقف جي مڪمل حمايت ڪئي، چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ آذربائيجان سميت ٻين ملڪن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا. دوست ملڪن مودي جي سازش پهلگام فالس فليگ تي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ واري پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي. چين جهڙي آزمايل دوست پاڪستان …
معرڪه حق ۾ ڀارتي بنا جواز جارحيت خلاف دوست ملڪن پاران پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) ڀارتي جنگي جنون خلاف دوست ملڪن پاڪستان جي اصولي ۽ سچائي تي ٻڌل موقف جي مڪمل حمايت ڪئي، چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ آذربائيجان سميت ٻين ملڪن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا. دوست ملڪن مودي جي سازش پهلگام فالس فليگ تي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ واري پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي. چين جهڙي آزمايل دوست پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحَظ لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي، اعتماد جوڳي دوست ملڪ ترڪيه ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي آخري ساهه تائين پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ جو عزم ورجايو. آذربائيجان ڀارتي جارحيت، شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ماهرن موجب دوست ملڪن پاران پاڪستان جي خودمختياري جي تحفظ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي پراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪئي. حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي اصولي ۽ چٽي موقف جي عالمي پذيرائي سفارتي ڪاميابي ۽ سچائي جي فتح آهي.











