پهلگام فالس فليگ تي ڀارتي ميڊيا جو حقيقتن جي ابتڙ پاڪستان خلاف زهريلو بيانيو بي نقاب

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ مودي جي ڪٺ پتلي ميڊيا  خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن پروپئگنڊه ڪئي. جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف بدلو وٺڻ  ۽ حملو ڪرڻ لاءِ چڙ ڏياريندڙ  بيانيو ڦهلايو.  تفصيل موجب ڀارتي ميڊيا مودي جي ناپاڪ سياسي عزم لاءِ مسلمان دشمني جي زهر کي به معاشري ۾ ڀکيڙيندي رهي.  ڀارتي صحافين ۽ اختيارين جي گڏجاڻين جي اندروني …

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ مودي جي ڪٺ پتلي ميڊيا  خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن پروپئگنڊه ڪئي. جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف بدلو وٺڻ  ۽ حملو ڪرڻ لاءِ چڙ ڏياريندڙ  بيانيو ڦهلايو.  تفصيل موجب ڀارتي ميڊيا مودي جي ناپاڪ سياسي عزم لاءِ مسلمان دشمني جي زهر کي به معاشري ۾ ڀکيڙيندي رهي.  ڀارتي صحافين ۽ اختيارين جي گڏجاڻين جي اندروني ڪهاڻين ڀارتي سيڪيورٽي جي ناڪامي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، ميڊيا صحافتي قدرن کي پٺتي ڪندي منصوبه بندي تحت پاڪستان  مخالف ناڪاري بيانيو پکيڙيو.  والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي عوام به پهلگام ڊرامي کي مودي جي سازش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.  عالمي ماهرن موجب ڀارتي ميڊيا جنگ جي سنجيده ماحول ۾ سنسني خيزي ۽ ريٽنگ لاءِ لاهور پورٽ تي حملي جهڙي دعويٰ به ڪئي.آپريشن سندرو جي تناظر ۾ ڀارتي ميڊيا جي غير ذميواراڻي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل طرز عمل کي دنيا صحافتي اصولن جي ابتڙ  قرار ڏنو.

مزید خبریں