لاڙڪاڻو - 28 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف مبينا مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، رتوديرو ٿاڻي جي حد سيلرا لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ٿيل مُقابلي کانپوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ 30 بور جي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ الله ڏنو جانوري جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته باقراڻي ٿاڻي جي حد گاهي واهه واري علائقي ۾ …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا پوليس مقابلا، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 28 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف مبينا مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، رتوديرو ٿاڻي جي حد سيلرا لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ٿيل مُقابلي کانپوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ 30 بور جي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ الله ڏنو جانوري جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته باقراڻي ٿاڻي جي حد گاهي واهه واري علائقي ۾ گشت تي مقرر پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلي کانپوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ عامر شيخ جي نالي سان ٿي آهي.زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻئي ڦورو تازو ٿيل وارداتن ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ گهربل آهن. فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقابلي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.











