لاڙڪاڻو - 28 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ ڪيمپ آفيس ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سال 26-2025ع لاءِ جاري ڪڻڪ جي خريداري جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-I سيد غضنفر علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا دريا خان قريشي، اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد حسين مهر، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، مختيارڪار لاڙڪاڻو عبدالخالق چانڊيو، مختيارڪار رتوديرو محمود علي پنهور، …
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 28 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ ڪيمپ آفيس ۾ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سال 26-2025ع لاءِ جاري ڪڻڪ جي خريداري جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-I سيد غضنفر علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا دريا خان قريشي، اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو سرمد حسين مهر، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، مختيارڪار لاڙڪاڻو عبدالخالق چانڊيو، مختيارڪار رتوديرو محمود علي پنهور، مختيارڪار ڏوڪري عبدالباسط ، مختيارڪار باقراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر لاڙڪاڻو نزاڪت علي عباسي، خوراڪ کاتي جا عملدار ۽ زراعت کاتي جا آفيسر پڻ موجود هئا.ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر لاڙڪاڻي کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي خريداري جا سمورا مرڪز مڪمل طور تي فعال رکيا وڃن ۽ آبادگارن کي مڪمل سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن زور ڀريو ته آبادگارن کي انهن مرڪزن تي ڪنهن به قسم جي هراساني يا غير ضروري دير جو منهن نه ڏسڻو پوي. بنيادي سهولتون ڇانوَ، پيئڻ جو پاڻي ۽ ويهڻ جا انتظام يقيني بڻايا وڃن.ڊي سي لاڙڪاڻي واضح هدايتون جاري ڪيون ته خريد ڪيل ڪڻڪ مان سيلائي (نمي) جي مقدار جي نالي تي ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. ڊي سي لاڙڪاڻي چيو ته جيڪو به عملدار غير قانوني ڪٽوتين يا بدديانتي ۾ ملوث مليو ته ان خلاف سخت کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي.ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جو وزن تصديق ٿيل ترازي تي صحيح نموني ڪيو وڃي. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته اهي خريداري مرڪزن جا اوچتا دورا ڪن ته جيئن وزن جي ماپ جي نگراني ڪري سگهجي ۽ شفافيت يقيني بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورن آبادگارن جا ادائگي وارا واؤچر تيار ڪري هر شام جو سنڌ بينڪ ڏانهن موڪليا وڃن. ننڍن آبادگارن کي فوري ادائيگي يقيني بڻائڻ واري حڪومتي پاليسي ورجائي، خاص طور تي اهي جيڪي هاري ڪارڊ سسٽم ذريعي رجسٽرڊ آهن، ته جيئن سندن مالي حالت مضبوط ٿئي.ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ذميواري ڏني ته اهي پنهنجي لاڳاپيل سب ڊويزنن ۾ ڪڻڪ جي خريداري مرڪزن جي ذاتي طور نگراني ڪن. مختيارڪارن ۽ روينيو عملي کي هدايت ڪئي وئي ته اهي آبادگارن جي تصديق ۽ مرڪزن تي هموار ڪارواين ۾ خوراڪ کاتي جي ٽيمن جي مدد ڪن.هن زراعت کاتي کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهي آبادگارن جي فني رهنمائي ۾ مدد ڪن ۽ يقيني بڻائين ته حڪومت جي خريداري واري پاليسي مان صرف حقيقي آبادگار فائدو وٺن.ڊي سي چيو ته ضلعي انتظاميه ننڍن آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت جي ويزن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته "وچولين، غير قانوني ڪٽوتين، يا دير سان ادائيگين خلاف سخت قدم کنيو ويندو. سموري خريداري پاليسي مطابق ۽ شفاف طريقي سان ڪئي ويندي.











