خيبر پختونخواهه  جي گورنر سان زرعي يونيورسٽي ڊيره اسماعيل خان جي وائيس چانسلر  جي ملاقات، تعليم کي هٿي وٺائڻ ۽ ادارن جي درپيش مسئلن تي ڳالهيون

پشاور -28 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گذريل ڏينهن زرعي يونيورسٽي ڊيره اسماعيل خان جي وائيس چانسلر  پروفيسر ڊاڪٽر محمد لطيف گوندل ملاقات ڪئي ۽ تعليم کي هٿي وٺائڻ ۽ ادارن جي درپيش مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران صوبي ۾ تعليم کي هٿي وٺائڻ ۽ ادارن کي درپيش مسئلن بابت ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تعليمي …

پشاور -28 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گذريل ڏينهن زرعي يونيورسٽي ڊيره اسماعيل خان جي وائيس چانسلر  پروفيسر ڊاڪٽر محمد لطيف گوندل ملاقات ڪئي ۽ تعليم کي هٿي وٺائڻ ۽ ادارن جي درپيش مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران صوبي ۾ تعليم کي هٿي وٺائڻ ۽ ادارن کي درپيش مسئلن بابت ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تعليمي سهولتن جو دائره ڪار وڌائڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ صوبي جو آواز آهي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ڊيره اسماعيل خان اسان جي خطي جي اهم درسگاهه آهي جنهن جي ڪاميابي ۽ ان جي مسئلن جو خاتمو ترجيحن ۾ شامل آهي. تعليم جي ميدان ۾ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. وائيس چانسلر  چيو ته زرعي يونيورسٽي  جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان جو مقصد ان مادر علمي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. گورنر، وائيس چانسلر جي جذبن جي تعريف ڪئي ۽ کيس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن وائيس چانسلر کي خاص شيلڊ به ڏني.

مزید خبریں