رياض _28 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي گهرو وزارت چيو آهي ته ويزه جو مدو ختم ٿيڻ تي جيڪو مملڪت مان روانگي ۾ دير ڪندو . ان کي 50 هزار ريال تائين ڏنڊ ، 6 مهينن تائين قيد ۽ بي دخلي کي منهن ڏيڻو پوندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ حج سيزن سال 2026ع جي ضابطن جي پابندي ڪرڻ ، حاجين جي سيفٽي …
مملڪت ۾ ويزه جو مدو ختم ٿيڻ تي روانگي ۾ دير تي 50 هزار ريال ڏنڊ ، 6 مهينن تائين قيد ۽ بي دخلي کي منهن ڏيڻو پوندو: سعودي گهرو وزارت

مزید خبریں
رياض _28 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي گهرو وزارت چيو آهي ته ويزه جو مدو ختم ٿيڻ تي جيڪو مملڪت مان روانگي ۾ دير ڪندو . ان کي 50 هزار ريال تائين ڏنڊ ، 6 مهينن تائين قيد ۽ بي دخلي کي منهن ڏيڻو پوندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ حج سيزن سال 2026ع جي ضابطن جي پابندي ڪرڻ ، حاجين جي سيفٽي ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين جي سهڪار تي زور ڀريو آهي . بيان ۾ چيو ويو ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي قانوني سزا ڏني ويندي . ياد رهي ته حج ويزا هولڊر کان علاوه ڪنهن کي به 18 اپريل کان مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ يا اتي قيام ڪرڻ جي اجازت ناهي. حج ويزا هولڊر کان علاوه ٻين وزٽ يا ٻين قسمن جي عارضي ويزا رکندڙن جو ان مدي بعد مڪي شريف ۾ قيام غير قانوني سمجهيو ويندو .











