صدر آصف علي زرداري جو چيئرمين ماؤ زي تنگ جي اباڻي شهر شاؤشان جو دورو، مجسمي تي گلن جي چادر چاڙهي خراج تحسين پيش

شاؤشان- 28 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين ۾ چيئرمين ماؤ زي تنگ جي اباڻي شهر شاؤشان جو دورو ڪيو، جتي هن اسٽيچو اسڪوائر ۾ چيئرمين ماؤ جي مجسمي تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ چيني انقلابي اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر جو استقبال پارٽي جي سينئر اڳواڻ لي جيانگ ۽ شاؤشان انتظاميه …

شاؤشان- 28 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين ۾ چيئرمين ماؤ زي تنگ جي اباڻي شهر شاؤشان جو دورو ڪيو، جتي هن اسٽيچو اسڪوائر ۾ چيئرمين ماؤ جي مجسمي تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ چيني انقلابي اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر جو استقبال پارٽي جي سينئر اڳواڻ لي جيانگ ۽ شاؤشان انتظاميه جي ڊائريڪٽر ژانگ شي هوئي ڪيو. انهن صدر کي چيئرمين ماؤ زي تنگ جي زندگي ۽ جدوجهد بابت آگاهه ڪيو ۽ شاؤشان ۾ سندس ابتدائي دور ۽ انهن عنصرن تي روشني وڌي جن سندس سياسي سوچ کي جوڙيو. صدر کي اان بابت به بريفنگ ڏني وئي ته اهڙي طرح جا يادگيري ادارا تاريخي مواد کي محفوظ رکڻ ۽ چين جي انقلابي تاريخ بابت عوامي شعور وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسٽيچو اسڪوائر تي ٿيندڙ تقريب کانپوءِ صدر ماؤ زي تنگ يادگار ميوزيم جو دورو ڪيو، جتي کيس عوامي جمهوريه چين جي باني اڳواڻ جي زندگي، فڪر ۽ سياسي ورثي بابت آگاهه ڪيو ويو. هن تاريخي نوادرات، رڪارڊ ۽ تصويرون ڏٺيون جن ۾ چين جي انقلابي تاريخ جي اهم مرحلن کي ظاهر ڪيو ويو هو. صدر آصف علي زرداري چيئرمين مائو زي تنگ جي چين جي تاريخي تبديلي ۾ ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي عوامي جمهوريه چين جي جدوجهد، اتحاد ۽ ترقي ۾ سندس خدمتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اهڙن ماڳن جو تحفظ جديد چين جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عنصرن کي سمجهڻ ۾ مدد ۽ قومي ترقي ۾ تاريخي شعور جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. صدر سان گڏ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، علي حسن بروهي، وزير اعليٰ سنڌ جو سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، چيف سيڪريٽري سنڌ، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائي دونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ ٻيا به موجود هئا.

مزید خبریں