اسلام آباد - 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.











