اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته وزير اعظم محمد شهباز شريف پي ايس ايل 11 جي پلي آف ميچز دوران ڪرڪيٽ شوقينن کي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ محسن نقوي ٻڌايو ته ان حوالي سان هن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم پلي آف ميچز ۾ …
وزير اعظم محمد شهباز شريف پي ايس ايل 11 جي پلي آف ميچز دوران ڪرڪيٽ شوقينن کي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته وزير اعظم محمد شهباز شريف پي ايس ايل 11 جي پلي آف ميچز دوران ڪرڪيٽ شوقينن کي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ محسن نقوي ٻڌايو ته ان حوالي سان هن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم پلي آف ميچز ۾ به ڪرڪيٽ جي شوقينن کي شرڪت جي منظري ڏني، جڏهن ته ان سان گڏ اها شرط لاڳو ڪئي وئي آهي ته ڪرڪيٽ شوقين ڪرڪيٽ ميچز ڏسڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن ۽ ٻارڻ جي کپت کي گهٽ کان گهٽ رکن ته جئين قومي سطح تي جاري ڪفايت شعاري مهم کي ترغيب ڏئي سگهجي. هن چيو ته وزير اعظم محمد شهباز شريف، پلي آف ۾ حصو وٺندڙ چئني ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ شوقينن کي پلي آف مرحلي ۾ دلچسپ ۽ سنسني خيز ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.











