نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب برطانوي پرڏيهي وزير پاڪستان پاران سهولتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي …

اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي وزير ايويٽ ڪوپر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي صورتحال ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب برطانوي پرڏيهي وزير پاڪستان پاران سهولتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں