ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر بلوچستان، اولهندي، هيٺاهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. ان دوران پوٽورهار خطي، ڏکڻ/ وچولي پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر بلوچستان، اولهندي، هيٺاهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. ان دوران پوٽورهار خطي، ڏکڻ/ وچولي پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي آڌاڻي/ گهميل هوائون هلڻ ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق (اڄ) اڱاري ڏينهن خيبر پختونخوا، اسلام آباد، پوٽورهار خطي، ڏکڻ، اوڀر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن، آڌاڻي ۽ گجگوڙ سان ڪٿي ڪٿي برسات جو امڪان آهي. ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته موهن جو دڙو ۽ ملتان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد شهيد بينظير آباد ۾ 48، جيڪب آباد، سڪرنڊ، خيرپور، دادو، موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاڻي ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں