اسلام آباد - 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو جنهن ۾ واپار، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون شامل آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان – ڪئناڊا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعلى سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.











