سعودي عرب: حج فيلڊ پلان تي عملدرآمد شروع

رياض- 27 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت جي مڪه شاخ، حج آپريشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق برانچ جي ڊائريڪٽر جنرل وليد الدغيس، گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ان منصوبي لاءِ مختلف سرڪاري ادارن وچ ۾ سهڪار جي ضرورت آهي ته جئين ڪارڪردگي، حفاظت ۽ پائيداري جي معيارن مطابق حاجي سڳورن کي اعليٰ خدمتن جي فراهمي کي …

رياض- 27 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت جي مڪه شاخ، حج آپريشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق برانچ جي ڊائريڪٽر جنرل وليد الدغيس، گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ان منصوبي لاءِ مختلف سرڪاري ادارن وچ ۾ سهڪار جي ضرورت آهي ته جئين ڪارڪردگي، حفاظت ۽ پائيداري جي معيارن مطابق حاجي سڳورن کي اعليٰ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته تيارين ۾ ماضي جي چئلنجز جو اندازو لڳائڻ، آپريشن فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ۽ هڪ جامع رسڪ رجسٽر تيار ڪرڻ شامل آهي. عملدرآمد جو دورانيو 6 جون تائين جاري رهندو ۽ ان ۾ مڪه مڪرمه ۾ مقدس هنڌن ۽ جده گورنري ۾ امدادي هنڌ، جن ۾ شامل آپريشن سينٽرز، اُزهي خانا، بازار ۽ عارضي پناهه گاهون شامل آهن. هن چيو ته اهو منصوبو لاڳاپيل اختيارين وچ ۾ هموار هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو ته جئين اهم ترين وقتن دوران تيزي سان ڪارروائي ممڪن ٿئي. هن چيو ته ڪارروائي جي وقتن کي بهتر بڻائڻ ۽ مختلف معاملن کي منظم ڪرڻ جي تياري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فيلڊ جي نگراني ترجيح هئي.