لاڙڪاڻو- 27 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان ڪاروائي دوران 50 لک انعام يافته بدنام ڏوهاري رائيفل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي پريس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پڌرو ڪيو آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي هدايتن تي ڊي ايس پي سول لائين سعاد جبار ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري ايٽ باقراڻي فهد ارشاد مغل …
لاڙڪاڻو پوليس پاران 50 لک انعام يافته بدنام ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 27 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس طرفان ڪاروائي دوران 50 لک انعام يافته بدنام ڏوهاري رائيفل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي پريس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پڌرو ڪيو آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري جي هدايتن تي ڊي ايس پي سول لائين سعاد جبار ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري ايٽ باقراڻي فهد ارشاد مغل جي نگراني ۾ پوليس ٽيم شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪندي 50 لک انعام يافته بدنام ڏوهاري ڍولو عرف فقير جتوئي کي رائيفل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل ڏوهاري 49 کان وڌيڪ مختلف ڪيسن ۾ ملوث اشتهاري ۽ روپوش هو، جنهن مٿان سنڌ حڪومت طرفان 50 لک انعام پڻ رکيو ويو هو.











