اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) ڪابينه اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ (پي آءِ اي ايڇ سي ايل) لاءِ ميڊيڪل پينشن ۽ پگهارن جي ادائگي لاءِ فنڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي تجويزن ۽ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني. اي سي سي جو اجلاس ڪالهه هتي ناڻي ۽ محصولن واري …
اي سي سي پاران پي آءِ اي لاءِ فنڊنگ جي منظوري، مهانگائي ۾ گهٽتائيءَ جي آثارن تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) ڪابينه اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ (پي آءِ اي ايڇ سي ايل) لاءِ ميڊيڪل پينشن ۽ پگهارن جي ادائگي لاءِ فنڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي تجويزن ۽ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني. اي سي سي جو اجلاس ڪالهه هتي ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. رٿابندي واري وزارت، ترقي ۽ خاص قدمن جي چيف اڪانومسٽ اهم معاشي اُهڃاڻن ۾ تازن رجحانن بابت بريفنگ ڏني، جنهن ۾ خاص ڪري ضروري شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن ۽ مجموعي مهانگائيءَ جي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو ويو. ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ويو ته هڪ عرصي جي غير يقيني صورتحال کان پوءِ تازا انگ اکر قيمتن ۾ ترتيبوار استحڪام جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مربوط قدمن جو اهم ڪردار رهيو آهي، اداره جاتي نظام، خاص ڪري نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ ذريعي مارڪيٽ جي نگراني مضبوط ٿي آهي ۽ وقت سر مداخلت ممڪن بڻائي وئي آهي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته مهانگائيءَ جو دٻاءُ موجود هئڻ باوجود ان ۾ گهٽتائيءَ جا آثار نمايان ٿي رهيا آهن ۽ اُڀرندڙ رجحان قيمتن جي بهتر استحڪام طرف اشارو ڪري رهيا آهن. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته هفتيوار نگراني جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عارضي واڌ کان پوءِ ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ جي رفتار سست ٿي وئي آهي، تازن هفتن ۾ قيمتن جي حساس اُهڃاڻن (ايس پي آءِ) ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين جن ۾ ٽماٽو، بصر، اٽو، ٿوم، ايل پي جي وغيره شامل آهن، جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان سامهون آيو آهي. بيضا، ڪڪڙ، داليون، ڪوڪنگ آئل، ماني ۽ کير جهڙين شين جي قيمتن ۾ صرف معمولي واڌ ٿي آهي، جيڪا مجموعي طور تي قيمتن جي دٻاءُ جي نشاندهي ڪري ٿي. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته اهم غذائي ۽ گهريلو استعمال جي شين جون قيمتون ترتيبوار وڌيڪ مستحڪم سطح طرف وڌي رهيون آهن ۽ ڪجهه شين جون قيمتون ٻيهر ان سطح جي ويجهو پهچي رهيون آهن جيڪي غير يقيني صورتحال کان پهرين موجود هيون. ان رجحان جي اثرائتي انتظامي قدمن، رسدي چين جي بهتر نگراني ۽ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن وچ ۾ هم آهنگيءَ جو نتيجو قرار ڏنو ويو. باقاعده ڊيٽا شيئرنگ ۽ ضلعي سطح تي هدفي قدم حڪومت جي ان صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ هو مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن جو فوري جواب ڏئي سگهي ۽ قيمتن ۾ غير ضروري واڌ کي روڪي سگهجي. ڪميٽيءَ وقت سر پاليسي قدمن، مضبوط نگراني جي نظام ۽ مربوط عملدرآمد جي نتيجي ۾ هاڪاري نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ضروري شين جي قيمتن ۾ واضح استحڪام ۽ مارڪيٽ جي اعتماد ۾ بهتري آئي آهي. اي سي سي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن ڪوششن کي مسلسل جاري رکيو وڃي ته جيئن حاصل ٿيندڙ فائدن کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ ايندڙ مهينن ۾ قيمتن جي تسلسل سان استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي، جيڪو حڪومت جي صارفين جي تحفظ ۽ معاشي توازن برقرار رکڻ جي عزم جي عين مطابق آهي. اجلاس ۾ معمول جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي تجويزن جي منظوري ڏني وئي جن ۾ فني ضمني گرانٽس جي منظوري شامل آهي. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن تحت ڪينابيز ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي (سي سي آر اي) جي ٺڪاڻن ۾ سهولتن جي مرمت ۽ ان کي فعال بنائڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، ناڻي واري وزارت جي سمري تي صوبي ۾ مقرر پي اي ايس ۽ پي ايس پي آفيسرن لاءِ وزيراعظم جي منظور ڪيل مراعتن واري پيڪيج جي معاونت جي سلسلي ۾ بلوچستان حڪومت لاءِ 31 ڪروڙ 10 لک رپيا، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمريءَ تي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل نظام جي سلسلي ۾ قومي احتساب بيورو لاءِ 37 ڪروڙ 20 لک رپيا ۽ بين الصوبائي رابطا جي وزارت جي سمري تي 8 سالن کان پوءِ ايف آءِ ايڇ هاڪي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي پاڪستاني قومي هاڪي ٽيم کي مالي انعام ڏيڻ لاءِ 3 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم پهريان ئي ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ دفاع واري وزارت طرفان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي سي ايل) جي ادائگين لاءِ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ (پي آءِ اي ايڇ سي ايل) جي حق ۾ 5 ارب 98 ڪروڙ 50 لک رپيا رکڻ جي سمري جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي مجموعي رقم مان طلبي ۽ پينشن جي ادائگيءَ جي واپسي سان گڏوگڏ پگهارن جي ادائگيءَ لاءِ فنڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ قومي انشورنس ڪمپني لميٽيڊ (اين آءِ سي ايل) کي آڊيٽرز جي سفارشن موجب ادائگي جي معاملي کي لاڳاپيل اٿارٽيءَ سان ايڊجسٽمينٽ لاءِ اُٿارڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت طرفان امپورٽ پاليسي آرڊر (آءِ پي او) 2022ع ۾ پاڪستان پاران محنت جي عالمي اداري (آءِ ايل او) جي ڪنوينشنز تحت ڪيل وعدن موجب ترميمن سان سمري جي منظوري پڻ ڏني وئي، ان جو مقصد جبري پورهئي ذريعي تيار ڪيل شين جي آمدني واپار تي پابندي جي شِق کي شامل ڪرڻ آهي. واپار واري وزارت طرفان پيش ڪيل هڪ ٻي سمري ۾ امپورٽ گهٽ ايڪسپورٽ اسڪيم (آءِ پي او) 2022ع ۽ ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم (اي ايف ايس) 2021ع ۾ ترميمن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن تحت پائليٽ رٿا تحت استعمال ٿيل گاڏين ۽ آٽو پارٽس جي مرمت، بحالي ۽ بعد ۾ ٻيهر روانگي واپار لاءِ عارضي طور تي آمدني واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته هڪ سال کانپوءِ ان منصوبي جو جائزو وٺڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق طرفان پيش ڪيل سمريءَ جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ گوادر ڊنڪي سلاٽر هائوس مان گڏهه جي گوشت ۽ کَلن جي روانگي واپار بابت سفارشن جي منظوري طلب ڪئي وئي هئي. ڪميٽيءَ موجوده ذخيري کي لاڳاپيل قاعدن، ضابطن ۽ روانگي واپار پروٽوڪول موجب وِڪرو ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان پيش ڪيل هڪ ٻي سمري تي به غور ڪيو ويو جنهن ۾ اڳوڻين واپڊا ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ايڪس ڊبليو ڊسڪوز) سان پبلڪ سروس آبليگيشن (پي ايس او) معاهدي بابت معاملو شامل هو. ڪميٽيءَ ان معاملي کي رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه جي ڪميٽي (سي سي او ايس او ايز) کي اُماڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته سي سي او ايس او ايز ان موضوع لاءِ موزون فورم آهي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، قومي غذائي ۽ تحفظ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين (وڊيو لنڪ)، رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال (وڊيو لنڪ) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











