قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران انٽرنشپ لاءِ آن لائن درخواستن جي خبرن جي ترديد

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ واضح ڪيو آهي ته انٽرن شپ پروگرامز 2026ع لاءِ ڪنهن به آن لائن پورٽل يا ٿرڊ پارٽي پليٽ فارم ذريعي عوامي سطح تي درخواستون طلب ناهن ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان موجود مواد حقيقتن جي ابتڙ آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي ترجمان هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آئي …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ واضح ڪيو آهي ته انٽرن شپ پروگرامز 2026ع لاءِ ڪنهن به آن لائن پورٽل يا ٿرڊ پارٽي پليٽ فارم ذريعي عوامي سطح تي درخواستون طلب ناهن ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان موجود مواد حقيقتن جي ابتڙ آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي ترجمان هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته مختلف جاب پورٽلز ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ڪجهه غير مجاز ۽ ڪوڙن اشتهارن ۽ آن لائن لنڪس گردش ڪري رهيون آهن، جن ذريعي قومي اسيمبليءَ ۾ انٽرن شپ لاءِ درخواستون طلب ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ واضح ڪيو وڃي ٿو ته اهڙو مواد حقيقتن جي ابتڙ آهي. گرمي جي موسم 2026ع جي انٽرن شپ پروگرام لاءِ ڪارروائي هڪ منظم اداره جاتي طريقيڪار تحت جاري آهي جنهن موجب چونڊيل يونيورسٽين مان سڌيءَ ريت رابطو ڪري شاگردن جي نامزدگي حاصل ڪئي پئي وڃي، جيئن قومي اسيمبليءَ جي منظور ڪيل فريم ورڪ ۾ طئي آهي، تنهنڪري عوام خاص ڪري شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو محتاط رهن ۽ اهڙي ڪنهن به غير مجاز ۽ ڪوڙي پليٽ فارم يا لنڪس تي پنهنجي ذاتي ڄاڻ شيئر ڪرڻ يا درخواست جمع ڪرائڻ کان پاسو ڪن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گمراهه ڪندڙ يا غلط ڄاڻ جي مشهوريءَ خلاف قانوني ڪارروائيءَ جو حق محفوظ رکي ٿي. قومي اسيمبلي جي انٽرن شپ پروگرام بابت ڪنهن به سرڪاري ڄاڻ جو جاري ڪرڻ صرف مستند ۽ باضابطه ذريعن سان ئي ڪيو ويندو.

مزید خبریں