اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1174.69 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 169497.35 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 217 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 229 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 118 ڪمپينن جي شيئرز جي استحڪام رهيو، مجموعي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 1174.69 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 169497.35 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1174.69 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 169497.35 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 564 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 217 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 229 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 118 ڪمپينن جي شيئرز جي استحڪام رهيو، مجموعي طور تي 780.22 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 33.42 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 400.47 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 51409.13 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1761.16 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 243225.71 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.215 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 0.7 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 67.2 ارب ڊالر ٿي ويو. گذريل ڏينهن بئنڪ آف پنجاب جي 126624089 شيئرز، يوسف ويونگ ملز لميٽيڊ جي 53100339 شيئرز ۽ فرسٽ نيشنل ايڪويٽيز لميٽيڊ جي 38850242 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. يوني ڪيپ مضاربه، يوسف ويونگ ملز لميٽيڊ ۽ دائود ايڪويٽيز لميٽيڊ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











