اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ آپريشن ۾ مجرماڻي سيڪيورٽي ڪوتاهي ۽ نااهليءَ تي اُٿاريل سوالن جا ڀارت اڄ تائين جواب نه ڏئي سگهيو. بي جي پي جي پهلگام فالس فليگ جي منظم سازش خلاف ڀارتي عوام پڻ سنجيده سوال اُٿاريا. ڀارتي عوام داخلي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بي جي پي جي پُراڻي هٿڪنڊي کي هڪ طرفو رد ڪيو. بي بي سي پڻ پهلگام فالس …
پهلگام فالس فليگ: ڀارتي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ناڪامي تي اُٿاريل سوالن جو جواب ڏيڻ کان قاصر

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ آپريشن ۾ مجرماڻي سيڪيورٽي ڪوتاهي ۽ نااهليءَ تي اُٿاريل سوالن جا ڀارت اڄ تائين جواب نه ڏئي سگهيو. بي جي پي جي پهلگام فالس فليگ جي منظم سازش خلاف ڀارتي عوام پڻ سنجيده سوال اُٿاريا. ڀارتي عوام داخلي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ بي جي پي جي پُراڻي هٿڪنڊي کي هڪ طرفو رد ڪيو. بي بي سي پڻ پهلگام فالس فليگ ڊرامي تي ڪيترائي سوال اُٿاريا، جن جا جواب مودي سرڪار اڄ تائين ناهي ڏئي سگهي. 7 لک کان وڌيڪ فوج رکڻ باوجود ٿيل واقعن تي ڀارتي عوام مودي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن مٿان ناڪامي جو الزام لڳايو. ڪشميري عوام ۽ ڀارتي سياسي پارٽين پهلگام فالس فليگ ڊرامي کي منصوبا بندي، سيڪيورٽي ناڪامي ۽ سازش قرار ڏنو. ماهرن موجب اُڙي 2016ع، پلواما 2019ع ۽ پهلگام 2025ع جهڙا فالس فليگ واقعا تاريخ رکن ٿا. پهلگام فالس فليگ کان پوءِ دنيا ڀارت جي مظلوميت تي ٻَڌل ڪوڙي بيانيي کي هڪ طرفو رد ڪري ڇڏيو.











