منيٰ ۾ رهائش جو ڊجيٽل نظام تيار، رهائشي سهولتن ۾ 90 سيڪڙو رڪارڊ بهتري آئي آهي: ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو

مڪه مڪرمه- 27 اپريل (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو چيو آهي ته حج انتظامن کي ظاهري ۽ انتظامي، ٻنهي رُخن سان گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر ۽ منظم بڻايو ويو آهي. هن ڀيري انتظامن جي مڪمل ٿيڻ ۾ غير معمولي تيزي آندي وئي آهي، جيڪي ڪم ماضيءَ ۾ ذوالحج جي شروعاتي ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويندا هئا، اهي هن سال حج کان ٻه …

مڪه مڪرمه- 27 اپريل (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو چيو آهي ته حج انتظامن کي ظاهري ۽ انتظامي، ٻنهي رُخن سان گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر ۽ منظم بڻايو ويو آهي. هن ڀيري انتظامن جي مڪمل ٿيڻ ۾ غير معمولي تيزي آندي وئي آهي، جيڪي ڪم ماضيءَ ۾ ذوالحج جي شروعاتي ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويندا هئا، اهي هن سال حج کان ٻه مهينا اڳ ئي مڪمل ڪيا ويا آهن. هن سال 30 هزار کان وڌيڪ ڀلي پار ويندڙن جي اچڻ باوجود مڪه مڪرمه ۾ رهائشي انونٽري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 90 سيڪڙو بهتر آهي، جنهن لاءِ جرول، نزهه ۽ ريع بخش جهڙن چئن نون سيڪٽرز ۾ معياري عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي، حج جي سڀ کان اهم مرحلي مشاعر موومينٽ جي حوالي سان ٻُڌايو ته منيٰ ۾ سمورا خيما حج کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل طور تيار ڪيا ويا آهن. انهن خيمن ۾ صوفا بيڊز وڇايا ويا آهن ۽ ايئرڪنڊيشنز فعال آهن. هن ڀيري نظام کي ڊجيٽل رُخن تي آڻيندي حج ايپلي ڪيشن تي بيڊ نمبر جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. حاجين کي سندن رهائشي عمارتن ۾ ئي نقشن ذريعي تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن خيمه وسندي پهچندي ئي هو بنا ڪنهن ڏُکيائي جي ڪجهه منٽن ۾ پنهنجي الاٽ ڪيل بيڊز تائين پهچي سيٽل ٿي سگهن. ڊي جي حج موجب سعودي حج واري وزارت جي سهڪار سان هڪ اهڙو پاڻڀرو نظام واضح ڪيو ويو آهي، جنهن تحت فلائيٽ جي آمد کان 72 ڪلاڪ اڳ ڊيٽا فراهم ڪيو ويندو آهي، جنهن سان حاجين کي مدينه منوره پهچندي ئي بنا ڪنهن دير جي ڪارڊ، ڪمرو الاٽمينٽ ۽ چاٻيون ملي وڃن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن بهترين انتظامي فيڪٽرز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال عيوض پاڪستان هن سال بهترين خدمتن جي عالمي اعتراف طور ايوارڊ کٽيندو. ان موقعي تي پاڪستاني حاجين جو چوڻ هو ته مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه ۾ پاڪستان حج مشن طرفان ڪيل استقبال آئوٽ اسٽينڊنگ ۽ مائنڊ بلوئنگ آهي. حاجين انتظامن کي اي ون قرار ڏيندي چيو ته سندن سامان حفاظت سان پهچايو ويو ۽ بهترين کاڌن سميت رهائشي سهولتن سندن سفر کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي.

مزید خبریں