ڪشمير صرف سرحدي تڪرار ناهي پر انسانيت جو امتحان آهي: مشعال حسين ملڪ

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال حسين ملڪ چيوآهي ته ڪشمير صرف سرحدي تڪرار ناهي پر انسانيت جو امتحان آهي، دنيا ان کي سمجهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته اها ڪهڙي بي حسي آهي ته هڪ ڀيڻ ڪجهه قدمن تي بيٺل آهي پر پنهنجي ڀاءُ جي جنازي ۾ شريڪ نٿي ٿي سگهي، سندس آخري ديدار به نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اهو منظر …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال حسين ملڪ چيوآهي ته ڪشمير صرف سرحدي تڪرار ناهي پر انسانيت جو امتحان آهي، دنيا ان کي سمجهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته اها ڪهڙي بي حسي آهي ته هڪ ڀيڻ ڪجهه قدمن تي بيٺل آهي پر پنهنجي ڀاءُ جي جنازي ۾ شريڪ نٿي ٿي سگهي، سندس آخري ديدار به نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اهو منظر صرف هڪ واقعو ناهي، پر ڪشمير جي هزارين وڇرڙيل خاندانن جي ڪهاڻي آهي. اهو فاصلو صرف زمين جو نه، اهو دلين تي لڳل اهي زخم آهن، جيڪي ڪڏهن به نٿا ڀرجن. مشعال ملڪ چيو ته دنيا کي هاڻ اهو سمجهڻو پوندو ته ڪشمير صرف سرحدن جو تڪرار ناهي، پر اهو انسانيت جو امتحان آهي، جتي رشتا برقرار ۽ زنده آهن، پر هو ملي نٿا سگهن، جتي اکيون ترسن ٿيون پر فاصلا ختم نٿا ٿين. 

مزید خبریں