سکر- 27 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو سکر بئراج جو دورو ڪيو، جتي هن جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو چيو ته سکر بئراج پاڪستان جي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ جي 90 سيڪڙو زرعي زمين کي پاڻي هن ئي …
صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران سکر بئراج جو دورو

مزید خبریں
سکر- 27 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو سکر بئراج جو دورو ڪيو، جتي هن جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو چيو ته سکر بئراج پاڪستان جي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ جي 90 سيڪڙو زرعي زمين کي پاڻي هن ئي بئراج مان فراهم ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سکر بئراج جي اپ گريڊيشن جو ڪم جاري آهي، جنهن تحت بئراج جا 60 دروازا تبديل ڪيا پيا وڃن. صوبائي وزير موجب جون 2025ع تائين 17 دروازا تبديل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جون 2026ع تائين 26 دروازن جي تبديلي جو هدف حاصل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 2026ع جي پڄاڻي تائين سکر بئراج جا سڀئي 44 مُک گيٽ مڪمل طور تبديل ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪئنالن جي پاڪيٽ گيٽن ۽ ٻين دروازن جي تبديلي جو ڪم ايندڙ سال تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڊيم کي فول پروف بڻايو ويو آهي، جڏهن ته اپ گريڊيشن کان پوءِ سکر بئراج جي عمر ۾ وڌيڪ 30 سال جو اضافو ٿيندو. هن چيو ته بئراج جي مرمت ۽ بحالي تي 17 ارب رپيا خرچ اچي رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ارسا طرفان ملڪ ۾ 27 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪئنالن جي لائننگ ۽ ڊي سلٽنگ جو عمل جاري آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هارين کي گهٽ پاڻي ۾ بهتر پوک لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڄام خان شورو چيو ته موسمياتي تبديليون هڪ حقيقت آهن ۽ اسان کي پنهنجي ڍانچي کي جديد گهُرجن مطابق بڻائڻو پوندو. پاڪستان جو عالمي ڪاربن اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر ان باوجود اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪري رهيا آهيون. هن خبردار ڪيو ته ڪئنالن مان مٽي ڪڍڻ وارن خانگي ماڻهن يا ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.











