سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان پيٽرول پمپ مالڪ قتل، ايس ايس پي سکر واقعي جو نوٽيس ورتو

سکر- 27 اپريل (اي پي پي) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي کان 60 لک رپيا ڦر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايس پي سکر اظهر خان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي جوابدار فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سکر پوليس جي ترجمان موجب واقعي جي شروعاتي ڄاڻ موجب پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي ٻٻرلوءِ کان …

سکر- 27 اپريل (اي پي پي) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي کان 60 لک رپيا ڦر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس ايس پي سکر اظهر خان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي جوابدار فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سکر پوليس جي ترجمان موجب واقعي جي شروعاتي ڄاڻ موجب پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي ٻٻرلوءِ کان سکر اچي رهيو هو ته باءِ پاس جي ويجهو اڻڄاتل هٿياربند جوابدارن سندن پيڇو ڪندي گاڏي روڪي کانئس 60 لک رپين جي ڦر ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جيڪو بعد ۾ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته سندن گارڊ وارث ميمڻ زخمي آهي، جڏهن ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا جڏهن ته ايس ايس پي سکر اظهر خان واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. واقعي واري هنڌ ڀرپاسي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز، جديد ٽيڪنالاجي ۽ دستياب سمورن وسيلن کي استعمال ڪندي جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. ايس ايس پي سکر اظهر خان جو چوڻ آهي ته جامع حڪمت عملي تحت ڪارروائيون جاري آهن ۽ جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪيو ويندو.

مزید خبریں