خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي محمود خان اچڪزئي سان ملاقات

پشاور- 27 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي رهائش گاهه تي اهم ملاقات ڪئي. وزيراعلي هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ علامه ناصر عباس، اسد قيصر، مصطفيٰ نواز کوکر، حسين احمد يوسفزئي ۽ خالد يوسف چوڌري به شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ …

پشاور- 27 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي رهائش گاهه تي اهم ملاقات ڪئي. وزيراعلي هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ علامه ناصر عباس، اسد قيصر، مصطفيٰ نواز کوکر، حسين احمد يوسفزئي ۽ خالد يوسف چوڌري به شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ بجيٽ، اين ايف سي ايوارڊ، صوبائي حقن ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اپنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ اپوزيشن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ بجيٽ ۾ عوام جي معاشي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تي به اتفاق ڪيو ويو. 

مزید خبریں