تهران- 27 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ۽ روس حڪومتون مختلف علائقائي ۽ ٻطرفي معاملن تي مسلسل ۽ ويجهي مشاورت ڪري رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس آمد جي موقعي تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران ۽ روس وچ ۾ ڪيترن ئي اهم معاملن، خاص طور تي علائقائي صورتحال تي ويجهي رابطي ۽ مشاورت جو سلسلو جاري آهي. هن …
ايران ۽ روس وچ ۾ مختلف معاملن تي ويجهي مشاورت جاري آهي: ايراني پرڏيهي وزير

مزید خبریں
تهران- 27 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ۽ روس حڪومتون مختلف علائقائي ۽ ٻطرفي معاملن تي مسلسل ۽ ويجهي مشاورت ڪري رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس آمد جي موقعي تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران ۽ روس وچ ۾ ڪيترن ئي اهم معاملن، خاص طور تي علائقائي صورتحال تي ويجهي رابطي ۽ مشاورت جو سلسلو جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان تازيون ڳالهيون به هاڪاري ۽ ڪامياب رهيون، جنهن ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ ايندڙ ڳالهين جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عباس عراقچي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايران، روس، پاڪستان ۽ عمان سميت مختلف ملڪن سان رابطا علائقائي استحڪام ۽ گڏيل مفادن لاءِ اهم آهن.











