درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 45 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 45 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 76 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 76 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 35 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 41 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 41 هزار 400 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1464.76 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.496 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1161.30 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.179 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں