چاڊ ۾ فرقيواراڻيون چڪريون، 42 ڄڻا قتل

يائوندي- 27 اپريل (اي پي پي) وچ آفريقي ملڪ چاڊ جي اوڀر صوبي وادي فيرا جي ڳوٺ ايگوٽي ۾ فرقيواڻين چڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 ڄڻا قتل ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن پاڻيءَ جي هڪ مقام تي ٻن ڄڻن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جيڪو برادرين وچ ۾ تڪرار جي شڪل اختيار ڪري ويو. چاڊ جي …

يائوندي- 27 اپريل (اي پي پي) وچ آفريقي ملڪ چاڊ جي اوڀر صوبي وادي فيرا جي ڳوٺ ايگوٽي ۾ فرقيواڻين چڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 42 ڄڻا قتل ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن پاڻيءَ جي هڪ مقام تي ٻن ڄڻن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جيڪو برادرين وچ ۾ تڪرار جي شڪل اختيار ڪري ويو. چاڊ جي نائب وزيراعظم ليماني محمد صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ وفد سان گڏ ڳوٺ جو دؤرو ڪيو. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدقسمتيءَ سان 42 ڄڻا قتل ۽ 10 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته اسان سوڳوار ڪٽنبن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. چاڊ ۾ اهي چڪريون عام آهن، جيڪي اڪثر زمين جي تڪرارن سبب ٿين ٿيون.