پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ چانهه جي شعبي ۾ تعاون جي ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

چانگشا - 27 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ چانهه جي شعبي ۾ تعاون جي ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي صوبي هونان جي شهر چانگشا ۾ ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب …

چانگشا – 27 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ چانهه جي شعبي ۾ تعاون جي ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي صوبي هونان جي شهر چانگشا ۾ ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب منعقد ٿي. صدر آصف علي زرداري خصوصي طور تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سامونڊي پاڻي استعمال جوڳو بڻائڻ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ چانهه جي شعبي ۾ تعاون جي ٺاهن تي صحيحون ڪيون ويون. مفاهمتي يادداشتون اهم شعبن ۾ عملي تعاون جي فروغ جي ٺوس ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿيون. پهرين مفاهمتي يادداشت سنڌ جي بلديات کاتي ۽ اوشيئن انوائرمنٽل ٽيڪنالاجي گروپ جي وچ ۾ طئي ٿي. ڪراچي شهر کي پاڻي جي فراهمي ۾ اضافي جي لاءِ سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ جي منصوبي تي تعاون ڪيو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ اوشيئن انوائرمنٽل ٽيڪنالاجي گروپ جي پارٽي برانچ جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين يوهوئي صحيحون ڪيون. ٻيو ٺاهه سنڌ جي بلديات کاتي ۽ لانگ پن هاءِ ٽيڪ انفارميشن ڪمپني جي وچ ۾ زرعي ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جي لاءِ طئي ٿيو. ٺاهه تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ چيني ڪمپني پاران چيئرمين چن زي شين صحيحون ڪيون. ٽئين مفاهمتي يادداشت چانهه جي شعبي بابت آهي جيڪا مسڪي اينڊ فيمٽي ٽريڊنگ ڪمپني، هونان ٽي گروپ ۽ جيالونگ انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي (هينان) جي وچ ۾ طئي ٿي. پاڪستان پاران سينيٽر سليم مانڊوي والا ايم او يو تي صحيحون ڪيون. هونان ٽي گروپ جي پارٽي سيڪريٽري ۽ چيئرمين زو چونگ وانگ ۽ هينان جيالونگ انٽرنيشنل ٽريڊ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين هائو جيالونگ صحيحون ڪيون. ٺاهه جو مقصد صنعت جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي، چانهه جي صنعت جي ترقي ۾ معاونت ۽ اقتصادي، واپاري ۽ عوامي رابطن کي پڻ مضبوط بڻايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير جو سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پارٽنرشپ منصوبن بابت خاص معاون قاسم نويد قمر، سنڌ جو چيف سيڪريٽري، علي حسن بروهي ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي پڻ موجود هئا.

مزید خبریں